سردار جي 3 ۾ هانيه شامل، هندستان ۾ تڪرار،دلجيت تي تنقيد

ممبئي : هندستان ۾ ڀارتي ڳائڻي دلجيت دوسانجھ جي پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر سان گڏ فلم تي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. FWICE فلم جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، ۽ فلم جو ٽريلر يوٽيوب انڊيا تي پڻ بلاڪ ڪيو ويو.مشهور ڀارتي ڳائڻي ۽ اداڪار دلجيت دوسانجھ جي نئين فلم سردار جي 3 جي ٽريلر ناظرین کي تفريح فراهم ڪئي، پر فلم ۾ پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جي موجودگي سبب هڪ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي.هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازين ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾، انڊين فلم ورڪرز يونين فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سينيما ايمپلائيز (FWICE) دلجيت دوسانجھ ۽ سندس ايندڙ سڀني منصوبن تي مڪمل پابندي جو مطالبو ڪيو آهي، انهي سان گڏ فلم جي پروڊيوسرن تي پابندي جي اپيل ڪئي آهي.ايف ڊبليو آءِ سي اي جي صدر بي اين تيواري هندستان ٽائمز سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته دلجيت دوسانجھ هڪ پاڪستاني اداڪارا سان ڪم ڪري هندستاني عوام جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت اسان جي بهادر سپاهين جي قربانين جي توهين ڪئي آهي. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ حساس حالتن مان گذري رهيو آهي، هڪ پاڪستاني فنڪار لاءِ سندس ترجيح سندس وفاداري تي سوال اٿاري ٿي. فلم سردار جي 3 جي ٽيم هندستان ۾ ممڪن مخالفت ۽ احتجاج جي خوف کان فلم کي صرف ٻاهرين ملڪن ۾ رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.فلم جو ٽريلر يوٽيوب انڊيا تي پڻ بلاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هندستاني استعمال ڪندڙ ان کي يوٽيوب تي نٿا ڏسي سگهن، پر اهو اڃا تائين دلجيت دوسانجھ جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي موجود آهي. هن ٽريلر جي رليز سان انهن افواهن کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي ته هانيا عامر کي فلم مان ڪڍيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽريلر ۾ هن کي هڪ مرڪزي ڪردار، گھوسٽ بسٽر جي حيثيت سان ڏيکاريو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔