اسلام آباد: قومي سلامتي ڪميٽي جي اهم اجلاس کان اڳ ايران جي پاڪستان ۾ مقرر سفير رضا اميري مقدم وزيراعظم هائوس پهتو ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، خطي ۾ امن واستحڪام ۽ تازي جغفرافيائي، سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب ايراني سفير ايران اسرائيل آمريڪا تڪرار تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ۽ ايران جي موقف کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ سفارتي حل جي اصولي موقف کي ورجايو.
انهي ملاقات کي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان اهم سفارتي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي جيڪا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ توازن ۽ سفارتي رابطن جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي.