ڇا سپريم ڪورٽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي؟ سياسي پارٽيون فائدو وٺندڙ رهيون آهن: آئيني بينچ


اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران دلچسپ سوال ۽ جواب به ٿيا. وڪيل سلمان اڪرم راجا اصغر خان ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته اسلم بيگ ۽ اصغر خان ٻنهي بيان حلفي ڏنا هئا ته هنن قومي مفاد جي تناظر ۾ چونڊن ۾ مداخلت ڪئي هئي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ته فيصلا ڪندي آهي، پر سياستدان انهن تي عمل نه ڪندا آهن. ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ ڪا نه ڪا سياسي پارٽي فائدو وٺندڙ (بينيفشري) رهي آهي. مخصوص سيٽن بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 11 رڪني آئيني بينچ ڪئي. ڪنول شوزب جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته آئين عدالت کي اها ذميواري ڏئي ٿو ته هو بنيادي حقن جو تحفظ ڪري. سپريم ڪورٽ وٽ آرٽيڪل 187 ۽ 184 گڏ ڪري استعمال ڪندي مڪمل انصاف ڏيڻ جا اختيار آهن. جسٽس محمد علي مظفر چيو ته آرٽيڪل 199 کي 187 سان گڏ پڙهي نٿو سگھجي، ڇو ته آرٽيڪل 199 جا اختيار ته سپريم ڪورٽ وٽ به ناهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ سڀ ڪجھه ڪري سگھي ٿي؟ سڀاڻي جيڪڏهن اسان چئو وزيراعظم فارغ آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو، ڇا سپريم ڪورٽ کي بي پناهه اختيار آهن؟، ڪا حد ته هجڻ گهرجي، وڪيل سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ آئيني اختيار جتي به سمجهي استعمال ڪري سگھي ٿي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا مخصوص سيٽن جي فيصلي ۾ آئين يا قانون جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته فيصلي ۾ ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿي آهي. آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن بدران 15 ڏينهن ۾ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار ڏنو ويو. جيڪڏهن 15 ڏينهن جو وقت نه ڏنو وڃي ها ته قانوني طور ٻيو ڪو به حل نه هو. سپريم ڪورٽ جي 11 ججن تسليم ڪيو ته پي ٽي آءِ کي سيٽون ملڻ گھرجن، پر سيٽن جي تعداد ۾ فرق آهي ته ڪيتريون ملن. جسٽس مسرت هلالي چيو  ته ڇا ووٽ جو حق پئدائش کان ملي ويندو آهي يا 18 سالن جي عمر ۾ ملندو آهي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ووٽ بنيادي حق آهي، جيڪو پئدائش کان ملي وڃي ٿو، پر قانون سان ان کي ترتيب ڏنو ويو آهي. عوام ووٽ جي ذريعي پنهنجا نمائندا چونڊين ٿا. جسٽس علي باقر نجفي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جو دعويٰ ڪري رهي آهي، ڇا مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ ڪنهن سياسي پارٽي جو بنيادي حق آهي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته جڏهن عوام ووٽ ڏئي ٿو ته مخصوص سيٽون به عوام جون ئي ٿين ٿيون، انهن تي سياسي پارٽي جو بنيادي حق آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ آئين تبديل ڪيو ويو، ان تي ڇا چوندا. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته آئين ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي، فيصلي ۾ ڪنهن کي به چيو نه ويو ته پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وڃو، پر چيو ويو ته اهي اميدوار اڳ ئي پي ٽي آءِ جا آهن، صرف تصديق گهري وئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔