اداڪاره عائشه خان جو ڪراچي جي فليٽ مان هڪ هفتو پراڻو لاش هٿ

ڪراچي: ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ هڪ رهائشي فليٽ مان مليل لاش سينئر اداڪارا عائشه خان جي آهي، پوليس تصديق ڪئي آهي. پوليس تصديق ڪئي ته اداڪاره عائشه خان جو لاش هڪ هفتو پراڻو هو. عورت گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي. گهر مان بدبوءِ اچڻ تي علائقي جي رهواسين مائٽن کي اطلاع ڏنو.اداڪاره عائشه خان جو مڙهه جناح اسپتال مان سهراب ڳوٺ ايڌي مرده خاني منتقل ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته خميس ڏينهن سينئر اداڪارا عائشه خان جي دوست تهمينه خالد عائشه خان جي موت جي تصديق ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔