ايران جا ميزائل حملا،اسرائيلي فضائي نظام تي ڪنٽرول جي دعويٰ

تهران: ايران آپريشن ‘عوده صادق جي 11 هين لهر شروع ڪئي ۽ اسرائيل تي وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا، جنهن جي ڪري سڄي اسرائيل ۾ خطري جا سائرن وڄڻ لڳا. اسرائيل خلاف تازين حملي کان پوءِ، ايران جي انقلابي گارڊز دعويٰ ڪئي ته انهن “قبضي وارن علائقن جي هوائي حدن تي مڪمل ڪنٽرول” حاصل ڪري ورتو آهي ۽ اسرائيلي دفاعي نظام ايراني حملي جي سامهون بيوس ٿي ويو آهي. ايران جي اسلامي انقلابي گارڊز ڪور طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل خلاف ايراني حملن جي 11هين لهر صهيونسٽ شرپسندن جي خود ساخته طاقت جي تباهي جو شروعاتي نقطو آهي. انقلابي گارڊز موجب اسرائيل خلاف تازين حملن ۾ فتح 1 هائپرسونڪ ميزائل جو استعمال ڪيو ويو ۽ هن طاقتور جديد ميزائيل فتح صهيونسٽ بزدلن جي پناهگاهن کي لرزائي ڇڏيو.پاسداران انقلاب جو چوڻ هو ته اسرائيلي فضائي حدن تي اسان جو مڪمل ڪنٽرول آهي، صهيوني دفاعي نظام ايران جي ميزائل حملن آڏو بي وس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔