تهران، والاريل بيت المقدس: ايران اسرائيل تي هڪ ٻيو وڏو ميزائل حملو ڪيو، جنهن ۾ صيهوني رياست جي گادي واري هنڌ، تل ابيب ۽ حيفا کي چوٿون ڀيرو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ حيفا آئل ريفائنري مڪمل طور تي بند ٿي وئي، جڏهن ته 3 ريفائنري ملازم پڻ مارجي ويا. ايراني ميڊيا موجب، آپريشن صادق III جي تحت تازيون حملي اسرائيل جي قبضي هيٺ فلسطيني علائقن تي پڻ ڪيون ويون آهن. اسرائيلي جارحيت ايران کي مجبور ڪيو آهي ته هو پنهنجي عوام ۽ ملڪ جي دفاع ۾ اهي حملا جاري رکي ۽ صيهوني مجرمن تي جوابي حملو ڪري.انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائلن سان حملو ڪيو ويو آهي. هي اسرائيل تي ايران جو نائين حملو آهي. آپريشن صادق III ذريعي، بيگناهه ماڻهن کان بدلو ورتو پيو وڃي.ترجمان جنرل علي محمد چيو ته هي آپريشن صادق III جي 9 هين لهر آهي. اسان دشمن کي هڪ لمحي لاءِ به امن ۾ رهڻ نه ڏينداسين.ايراني سيڪيورٽي ڪائونسل چيو آهي ته اڄ انتهائي خطري جو چوٿون ڏينهن هوندو ۽ اسرائيل رات جو ڏينهن جي روشني ڏسندو.ايران جي انقلابي گارڊز خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي شهري تل ابيب ڇڏي وڃن ڇاڪاڻ ته اتي هڪ وڏو حملو ٿيڻ وارو آهي. اسان جو مقصد فوجي تنصيبات ۽ سرڪاري مرڪزن کي نشانو بڻائڻ آهي. اسرائيلي شهري فوري طور تي راڄڌاني تل ابيب ڇڏي ٻئي شهر ڏانهن وڃن.انقلابي گارڊز جي برگيڊيئر جنرل احمد وحيدي اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته تهران پوري طاقت سان ڊگهي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته جنگ ۾ ڪيترائي جديد هٿيار استعمال ڪيا ويندا.ٽرمپ کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم نتنياهو به هڪ بيان جاري ڪيو ته اسان جا جهاز تهران جي هوائي حدن ۾ اڏامي رهيا آهن. ايراني شهري راڄڌاني خالي ڪن.اسرائيل جي ايران تي تازي حملي کان پوءِ صبح سوير راڄڌاني تهران ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا. اسرائيل ايران ۾ شهري آبادي تي حملو ڪيو، سرڪاري ٽي وي ۽ هڪ اسپتال کي نشانو بڻايو.اسرائيلي ميڊيا موجب، ڌماڪا تهران جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪيا ويا، جڏهن ته ڏکڻ اولهه خوزستان صوبي جي شهر اهواز ۾ به ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا.ڌماڪا آمريڪي صدر ٽرمپ جي هڪ خبرداري جاري ڪرڻ کان ٿوري دير بعد ٿيا، جنهن ۾ هن شهرين کي فوري طور تي تهران خالي ڪرڻ لاءِ چيو.ان کان اڳ، اسرائيل ايران جي راڄڌاني تهران خالي ڪرڻ جي خبرداري کان پوءِ ٽي وي چينلن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪئي.