سينئر شاگرد مون کي تنگ ڪندا هئا انڪري اسڪول ڇڏيم

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا نور ذيشان انڪشاف ڪيو آهي ته هن اسڪول ڇڏي ڏنو ۽ گهر ۾ پاڻ پڙهڻ شروع ڪيو.نور ذيشان تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آئي جتي هن اسڪول ۾ استادن ۽ سينئر شاگردن جي بدسلوڪي بابت ڳالهايو.هن چيو ته منهنجي عمر صرف 15 سال آهي ۽ مان هن وقت 9 هين ڪلاس ۾ آهيان، پر هاڻي مان پڙهائي جي بدران پنهنجي شوبز ڪيريئر تي وڌيڪ ڌيان ڏيندس ڇو ته مان پڙهائي ۾ ايتري سٺي نه آهيان، تنهن ڪري جيڪڏهن مان پڙهائي تي ڌيان ڏيان ته به مان ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهان ٿي.اداڪاره چيو ته منهنجي ماءُ چاهي ٿي ته مان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي بنيادي تعليم مڪمل ڪريان ۽ هاڻي جڏهن ته مان پنهنجي پرائيويٽ ميٽرڪ ڪري رهي آهيان، مان اسڪول نه ويندي آهيان ۽ گهر ۾ پاڻ پڙهندي آهيان. اسڪول ڇڏڻ جو سبب بيان ڪندي هن چيو ته اسڪول ۾ سينئر شاگرد مون کي تنگ ڪندا هئا ۽ منهنجا استاد به مون سان سٺو سلوڪ نه ڪندا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔