گهر ويٺي خلا ۾ سيلفي ڪڍائڻ چاهيو ٿا؟ هي نئون طريقو آزمايو

لنڊن: ڇا توهان به نت نئين سيلفين جا شوقين آهيو؟ ته هن ڀيري خلا ۾ سيلفي لاءِ هي نئون طريقو آزمائي ڏسو! ناسا جي اڳوڻي انجنيئر ۽ مشهور يوٽيوبر مارڪ رابر هڪ خاص سيٽلائيٽ تيار ڪئي آهي، جنهن جو نالو سيٽ گس رکيو ويو آهي. اِها سيٽلائيٽ هڪ مهيني دوران خلا ۾ 5 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان گردش ڪندي، جنهن ۾ لڳل ڪئميرا ۽ فون ان کي خلا ۾ سيلفي وٺڻ جو قابل بڻائين ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب، هيءَ سيٽلائيٽ 25 جنوري 2025ع تي خلا ۾ موڪلي وئي هئي، جڏهن ته آپريشن جي باضابطا شروعات 24 مئي 2025ع کان ٿي. خلا ۾ سيلفي لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟رپورٽن موجب خلا ۾ سيلفي لاءِ فري سيلفي ڪوڊز بلڪل مفت موجود آهن، پر سيلفي موڪلڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪرنج ليب جي ويب سائيٽ سبسڪرائب ڪرڻي پوندي جنهن جي قيمت 25 کان 80 ڊالر سالياني آهي. ان کانپوءِ، اسپيس سيلفي جي ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجي سيلفي اپلوڊ ڪرڻي پوندي، جيڪا پوءِ خلا ۾ موجود سيٽ گس سيٽلائيٽ ڏانهن موڪلي ويندي. ان کانپوءِ، سيٽلائيٽ ۾ لڳل گوگل پڪسل فون تي توهان جي سيلفي اسڪرين تي ڏيکاري ويندي ۽ ٻاهرين ڪئميرا توهان جي تصوير سان گڏ ڌرتيءَ جي پسمنظر واري تصوير ٺاهي توهان ڏانهن موڪليندا. يوٽيوبر مارڪ رابر موجب، جيڪڏهن ڪو ماڻهو سيلفي موڪلڻ وقت پنهنجو ايڊريس به ٻڌائي ته سيٽلائيٽ اهڙي وقت تصوير وٺندي جڏهن اها ان جي گهر مٿان گذرندي. تصوير لاءِ توهان کي رڳو پنهنجي اڱڻ ۾ وڃي آسمان ڏانهن هٿ لوڏڻو پوندو اهڙي طرح توهان جي سيلفي خلا مان هڪ ڀيرو نه ٻه ڀيرا ورتي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔