ايران اسرائيل جنگ: 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي: نائب وزيراعظم

اسلام آباد: ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ کان پوءِ پاڙيسري ملڪ ۾ ڦاٿل 450 پاڪستاني زائرين کي حفاظت سان واپس ڪيو ويو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ڏيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده علاقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي حڪومت پاڪستاني شهرين جي فلاح، بهبود ۽ حفاظت جي لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي.

هن چيو ته ايران مان 450 پاڪستاني زائرين جي حفاظت سان واپسي کي گذريل ڏينهن مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگردن جي محفوظ واپسي جي لاءِ به انتظام ڪيا پيا وڃن، پهرين مرحلي ۾ 154 شاگردن کي ڪڍيو ويندو.

اسحاق ڊار چيو ته عراق ۾ پاڪستاني زائرين جيڪي فضائي حدن جي بندش سبب ڦاٿل آهن ايران ۾ اسان جو سفارتخانو انهن سان مسلسل رابطي ۾ آهي انهن جي محفوظ رهائش ۽ واپسي جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا پيا وڃن.

نائب وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائسز مينجمينٽ يونٽ 24 ڪلاڪ فعال آهي. نائب وزيراعظم ٻڌايو ته خطي ۾ موجود اسان جو سفارتخانو پاڪستاني شهرين ۽ زائرين جي مدد ۽ واپسي جي لاءِ سمورن ضروري قدمن جي مڪمل نگراني ڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔