پاڪستان طرفان اسرائيل جي ايران تي حملي جي مذمت

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران خلاف اسرائيل جو وحشياڻو قدم عالمي قانون جي بنيادن کي لوڏي ڇڏڻ جي برابر آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته ايران تي اسرائيلي حملا ايران جي خودمختياري جي واضح خلاف ورزي آهن، اسرائيلي حملا ناجائز ۽ قابل مذمت آهن.

هن چيو ته اسرائيلي جارحيت انسانيت جي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، ۽ هي قدم علائقائي امن ۽ عالمي سلامتي لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪري ٿو.

نائب وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو هي وحشياڻو عمل بين الاقوامي قانون جي بنيادن کي ڌُڏڻ جي برابر آهي. پاڪستان ايراني حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔