لاهور : پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان جو چوڻ آهي ته مان اهڙن اداڪارن سان ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان جن ڏکئي وقت ۾ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.فيروز خان پاران ڏنل هڪ تازي انٽرويو مان هڪ مختصر وڊيو ڪلپ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وائرل ٿي رهي آهي.اداڪار مٿي ذڪر ڪيل انٽرويو ساٿي اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز جي وِلاگ دوران ڏنو. جڏهن اداڪار کان پڇيو ويو ته، ڇا توهان کي خراب لڳو ته ڪجهه فنڪارن چيو ته اهي توهان سان گڏ ڪم نه ڪندا؟ ياسر جي سوال جو جواب ڏيندي فيروز خان چيو ته، “سچ پڇو ته، الله تعاليٰ منهنجي زندگي ۾ هڪ فلٽر رکيو، جنهن کان پوءِ مون کي خبر پئي ته مون کي ڪهڙن ماڻهن سان گڏ رهڻ گهرجي ۽ ڪهڙن سان نه.، هن جاري رکيو، “اهو مون لاءِ حيران ڪندڙ هو ته جيڪي ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا ۽ مان انهن کي سڃاڻان ٿو، اهي ماڻهو جن سان منهنجي تمام سٺي دوستي رهي آهي، اهي اهڙي وقت ۾ مون سان هن طرح رد عمل ظاهر ڪندا، پر هاڻي مان ان حيرانگي مان ٻاهر نڪري آيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هي سڀ ڪجهه منهنجي ڪم جو حصو آهي، سٺو هجي يا خراب، اهو ائين ئي جاري رهندو، ۽ مستقبل ۾ مان پاڻ اهڙن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان جيڪي ڏکئي وقت ۾ مون کي ڇڏي ويا.