بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو، ڪجهه عناصر ملڪ جي بهتري تي خوش نه آهن: عظميٰ بخاري

لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو، ڪجهه عناصر ملڪ جي بهتري تي خوش نه آهن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ انهي جي معاشي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿي ته هن آءِ ايم ايف جي دٻاءُ جي باوجود وفاقي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو، پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافو خوشي جوڳو آهي، بجيٽ سان وچولي طبقي کي سهارو ملندو.

هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ اهڙي مخلوق به آهي جيڪا ڪڏهن به خوش ناهي ٿيندي، ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه هڪ مخصوص گروهه ڪيو اهو سموري قوم ڏٺو، هنن جي خواهش آهي ته پاڪستان کي نقصان ٿئي، پنجاب ۾ صفائي جي بهترين انتظامن تي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ٿي آهي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2100 پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي جيڪو سرمائيڪارن جي ڀروسي جو اظهار آهي.

پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بنائيندي عظميٰ بخاري چيو ته اها واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪي مفاد ۾ ڪڏهن به ڪو مثبت قدم نٿي کڻي سگهي، هاڻ هي مهم هلائي رهيا آهن(واشنگٽن هلو) هنن جا يو ٽيوبرز به انهي مهم کي هوا ڏئي رهيا آهن پر ڪالهه پاڻ بيرسٽر گوهر چئي ڇڏيو آهي ته اسان ڪوبه سڏ نه ڏنو آهي.

هن چيو ته عزت ۽ ذلت الله جي هٿ ۾ آهي الله تعاليٰ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستان کي عزت ڏني آهي، ڪجهه يو ٽيوبرز جيڪي پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ ۽ ادارن جي خلاف پروپيگنڊه ڪري رهيا آهن، هي صرف پنهنجي عزت وڃائي رهيا آهن جيڪڏهن هي پاڻ کي کاهي ۾ ڪيرائڻ چاهين ٿا ته پوءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔