بجيٽ ۾ هيٺين ۽ پگهاردار طبقي کي جيترو رليف ڏئي سگهياسين ٿي ڏنو آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجيٽ ۾ هيٺين ۽ وچولي پگهاردار طبقي کي جيترو به رليف ڏئي سگهياسين ٿي ڏنو آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجيٽ ۾ حڪومتي خرچ گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيڪي به انگ اکر ڏنا ويا آهن انهي جي ذميواري کڻون ٿا.

محمد اورنگزيب چيو ته بجيٽ ۾ هيٺين ۽ وچولي پگهاردار طبقي کي جيترورليف ڏئي سگهياسين ٿي ڏنو آهي، پگهار طبقي جي لاءِ 8 يا 9 ڪالمز جو فارم آڻي رهيا آهيون جيڪو اهي پاڻ ڀري سگهندا.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه شين جي باري ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته اشارا مٿي نه پيا وڃن ته اسان انهي تي نظر ثاني ڪري سگهون ٿا، ماڻهو چوندا آهن ته ٽيڪس جيترو مرضي وٺي ڇڏيو پر اسان کي ايف بي آر جي حوالي نه ڪريو.

ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ڀروسي جوڳي توانائي طرف وڃڻ لاءِ ڪاربن ليوي لڳائي رهيا آهيون هن ٻڌايو ته اين ايف سي اجلاس آگسٽ يا انهي کان اڳ ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔