سڪندر رضا پاران مخالف ٽيم جي ڪوچ خلاف شڪايت داخل

لاهور: زمبابوي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سڪندر رضا مخالف ٽيم جي ڪوچ خلاف شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي. سڪندر رضا هڪ مقامي تقريب ۾ ميچ دوران مخالف ٽيم جي ڪوچ پاران امتيازي ٻولي استعمال ڪرڻ تي هراري ميٽروپوليٽن ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي. رينبو ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪوچ بليسنگ مفووا پهرين جون تي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ هڪ مقامي ايونٽ ميچ دوران سڪندر رضا تي نسلي جملا چيا. سڪندر رضا هراري ميٽروپوليٽن ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن کي هڪ شڪايتي خط ۾ لکيو ته ميچ دوران جڏهن هو پٺن جي ڇڪتاڻ سبب ميدان ڇڏڻ وارو هو ته بليسنگ مفوا مٿس رڙيون ڪيون. ٽي 20 ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته مون بليسنگ مفوا کي عزت سان ڳالهائڻ جي درخواست ڪئي، پر ان جي باوجود هن مون سان بدسلوڪي جاري رکي. هن لکيو ته سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها هئي جڏهن مفوا چيو ته هو جيڪو چاهي چئي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته هن وٽ زمبابوي پاسپورٽ آهي، هي سندس زمين آهي، پاڪستان نه. اهو ياد رکڻ گهرجي ته مقامي ڪوچ کي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين معطل ڪيو ويو آهي. سڪندر رضا زمبابوي جي بين الاقوامي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو آهي ۽ ٽي 20 ٽيم جو ڪپتان پڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔