ڪراچي، اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان

ڪراچي: ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران راڄڌاني ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي جي هوا ۾ نمي جو تناسب 60 سيڪڙو آهي. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ سامونڊي هوائون 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. موسميات کاتي اهو به چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔