اسلام آباد: ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو.
سپارڪو موجب اڄ چنڊ جي نظر اچڻ جا امڪان تقريبن نه هجڻ جي برابر آهن ڇو ته 27 مئي تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر 11 ڪلاڪ هوندي.
سپارڪو موجب پهرين ذوالحج 29 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي. انهي حساب سان سموري ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 7 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف سعودي عرب ۾ به ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ اجلاس اڄ ٿيندو.سعودي ماهر فلڪيات موجب اڄ چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي انهي کان علاوه متحده عرب امارات جي فلڪياتي مرڪز جو به چوڻ آهي ته اڄ ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي. متحده عرب امارات ۾ به عيدالاضحيٰ 6 جون تي ٿي سگهي ٿي.