پاڪستان مودي جي گجرات ۾ ڏنل بيان کي چونڊ مهم جو ٿيٽر قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان مودي جي گجرات ۾ ڏنل بيان کي چونڊ مهم جو ٿيٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان مودي جي بيان تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارت کي انتهاپسندي جي فڪر آهي ته کيس اندرون ملڪ هندوتوا ۽ اقليت دشمني تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون لڪائڻ جي لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي.

ترجمان چيو ته ايٽمي رياست جي سربراهه جا چڙ ڏياريندڙ بيان افسوس جوڳا ۽ خطرناڪ رجحان آهن، ڀارت جو وڌندڙ جنگي بيانيو علاقائي امن، استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي. پر پاڪستان ڪنهن به خطري جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نرفيندر مودي گجرات ۾ ريلي کي خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان کي دهشتگردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان جي عوام کي اڳيان اچڻو پوندو. سک جي زندگي جيئو، ماني کايو، جي نه ته منهنجو گولي ته آهي نه.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔