ڪوئيٽا: نوشڪي ۾ نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪري پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب فائرنگ جو واقعو نوشڪي جي علائقي ڪلي محمد حسني ۾ پيش آيو جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب هڪ پوليس اهڪار زخمي ٿيو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي ويو.بلوچستان حڪومت جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته نوشڪي ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار وحيد احمد ولد محمد هاشم شهيد ٿي ويو آهي جنهن جو تعلق جمال آباد نوشڪي سان هو.هن چيو ته پوليو مهم هڪ قومي فرض آهي انهي تي حملو برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي اهو حملو قومي مهم کي ٽوڙڻ ۽ خوف حراس پکيڙڻ جي سازش آهي. تخريبڪارن جي خلاف ڪارروائي ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف نوشڪي ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي اهلڪار عبدالوحيد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن شهيد جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهي جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻارن جو مستقبل محفوظ بنائڻ جي لاءِ نڪتل پوليو ٽيم تي حملو برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي. پوليو جي مهم خلاف شرپسند عناصرن سان سختي سان پيش اچبو.هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به نوشڪي ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي گهر ڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پوليس اهلڪار عبدالوحيد شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو آهي. شهيد جي سوڳوار خاندان سان گڏ بيٺل آهيون.