غير ذميواراڻو ڀارتي الزام رد،عالمي برادري نوٽيس وٺي،پاڪستان

اسلام آباد : پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران لڳايل بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ غير ذميوار الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جا بيان علائقائي تڪرار وڌائڻ جي ڪوشش آهن، ڪوڙا الزام ۽ فوجي دعوائون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهن.پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي دهشتگردي خلاف هڪ مستقل ۽ اثرائتو ساٿي آهي، ۽ پاڪستان کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جون ڪوششون گمراهه ڪندڙ ۽ ناقابل قبول آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيو آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم عالمي سطح تي بي نقاب ٿي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارتي قيادت تي زور ڏنو آهي ته هو ذميواري ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري ڇو ته اشتعال انگيز بيان خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهن.ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان امن، استحڪام ۽ تعميري ڳالهين لاءِ پرعزم آهي، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي حفاظت جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، ڪنهن به جارحيت جو مناسب جواب ڏنو ويندو، عالمي برادري کي ڀارت جي جنگي بيانيي ۽ نفرت انگيز رويي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔