پاڪ ڀارت تڪرار جي حل جو نئون امڪان پيدا ٿي ويو آهي: آمريڪي پرڏيهي وزارت

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽيمي بروس چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ جنگبندي جو ڪريڊٽ آمريڪا جي مدد ڏانهن وڃي ٿو. هاڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن تڪرارن جي حل جو هڪ نئون موقعو سامهون آيو آهي.

ترجمان واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ جي دوران چيو ته ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا اهي تڪرار حل نه ٿي سگهيا پر هاڻ اميد جي هڪ نئين روشني نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي لاءِ هڪ سنهري موقعو آهي ته اهي دير تائين امن جي لاءِ اڳيان وڌن.

ٽيمي بروس انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته خوشي جوڳي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي جنگبندي جاري رکڻ جي لاءِ سنجيده ۽ پرعزم آهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شڻڪر به انهي ڳالهه کي مڃي چڪو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ آمريڪا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔