واوڊا پاران ترقياتي بجيٽ گهٽائي ڪري دفاعي بجيٽ وڌائڻ جي تجويز

اسلام آباد: سينيٽر فيصل واوڊا ترقياتي بجيٽ گهٽائي دفاعي بجيٽ وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي ، سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اسان کي پنهنجو پيٽ ڪٽڻو پوندو ۽ دفاعي بجيٽ وڌائڻو پوندو. اسان کي هاڻي ترقياتي منصوبن جي بدران دفاع تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستاني فوج جي پگهارن کي ٻيڻو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ ڀارت سان مقابلو ڪرڻ جي حڪمت عملي ۾ به سنجيده سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته اسان کي ڀارت سان جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ کان پوءِ ئي ترقي بابت سوچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته فوج محدود وسيلن جي باوجود ڀارت خلاف جنگ وڙهي، اسان محفوظ هٿن ۾ آهيون ۽ قوم متحد آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته بجيٽ کي ڪيئن ٻيڻو يا ٽيڻو ڪري سگهجي ٿو.فيصل واوڊا اپوزيشن جي ڪردار تي به روشني وجهي ۽ چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي. اهو سڀ ڪجهه اپوزيشن کي گڏ ڪرڻ کانسواءِ ممڪن نه ٿيندو. حڪومت کي بهادر ٿيڻ گهرجي ۽ اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن سان سنجيده ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔