ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ٽرين حادثي جو شڪار، ڪيترائي مسافر زخمي

لاهور:  چڪ جهمره ڀرسان ڪچي ڦاٽڪ تي ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور جي غفلت سبب شاليمار ايڪسپريس ٽرين کي حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

شاليمار ٽرين کي حادثو رات جو 2 وڳي پيش آيو جنهن سبب شاليمار ايڪسپريس جون ڪيتريون ئي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. حادثي سبب فيصل آباد ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرينن کي روڪيو ويو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ٽرين اچڻ کان ڪجهه دير اڳ ٽريڪٽر ٽرالي ريلوي ٽريڪ ۾ ڦاسي پئي، جڏهن ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور ڏٺو ته ٽرين ويجهو اچي وئي آهي ته ڊرائيور فوري طور تي ٽريڪٽر جي پن ڪڍي ۽ ٽريڪٽر کي ٽرالي کان ڌار ڪري ٽريڪٽر کڻي فرار ٿي ويو.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ٽرين سرن سان ڀريل ٽرالي سان ٽڪرائجي ريلوي لائن کان تقريبن هڪ ڪلو ميٽر هيٺ لهي وئي جنهن سبب ٽرين ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا. ساهيانواله کان سالارواله تائين ريلوي ٽريڪ به ٽٽي پيو آهي جنهن سبب فيصل آباد کان لاهور ۽ وزيرآباد جي لاءِ سموري ريلوي ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي.

سي اي او ريلوي عامر بلوچ شاليمار ايڪسپريس حادثي جي موقعي تي موجود آهي ريلوي انتظاميه طرفان ٽريفڪ جي بحالي جي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔