پاڪستان ٻن ڏينهن ۾ 77 اسرائيلي ۽ ڀارتي ڊرونز ڪيرائي ڇڏيا آهن

اسلام آباد: پاڪستاني فورسز ڀارتي جارحيت کي ناڪام بڻائيندي موڪليل وڌيڪ 48 اسرائيلي ٺاهيل ڊرونز تباهه ڪري ڇڏيا. سيڪيورٽي ذريعن مطابق، ڀارت طرفان موڪليل اسرائيلي ٺاهيل ڊرونز کي وهاڙي، پاڪپتن ۽ اوڪاڙا ۽ ٻين شهرن ۾ تباهه ڪيو ويو. پي ٽي وي نيوز سيڪورٽي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته 8 مئي جي شام تائين 29 ڊرونز ڪيرايا هئا ۽ گذريل رات کان هن وقت تائين 48 ٻيا ڊرونز به ڪيرايا ويا آهن جنهن بعد ٻن ڏينهن ۾ ڪيرايل ڊرونخز جو انگ 77 ٿي ويو آهي.  ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڀئي ڊرونز ريڊار تي لڳاتار مانيٽر ڪيا پئي ويا، جڏهن به ڪو ڊرون ايندو آهي ته اهو ريڊار تي نظر اچي ٿو، اسان جي ايئر ڊفينس سسٽم وٽ اها صلاحيت آهي ته ننڍن ڊرونز کي به ٽريڪ ڪري سگهجي ٿو، شهري آبادي واري علائقن ۽ ڪمرشل فلائيٽس دوران ڊرون کي مارڻ جو خاص آپريشنل طريقو موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔