ڀارت جي ٻيهر اڳرائي؛ 12 ڊرون تباهه، پاڪ فوج جا 4 جوان زخمي، هڪ شهري شهيد ٿيو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته گذريل رات دير سان ڀارت هڪ دفعو ٻيهر اڳرائي جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران 12 ڊرون ڪيرايا ويا جڏهن ته حملي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان زخمي به ٿي پيا آهن. سنڌ جي علائقي ميانو ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڀارت گذريل رات هڪ دفعو ٻيهر کلي جارحيت ڪندي پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت طرفان مختلف شهرن ۾ اماڻيل سمورا 12 ڊرون تباهه ڪيا ويا آهن. هن وقت جڏهن اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پويان انهن ڊورنز جي ملبي کي کنيو پيو وڃي.

هن چيو ته انهن مان هڪ ڊرون لاهور جي فوجي حدن ۾ ڪريو جنهن ۾ پاڪ فوج جا  جوان زخمي ٿي پيا آهن اهڙي طرح ميانو ۾ هڪ شهري جي شهيد ۽ هڪ جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته لاهور، گوجرانوالا، چڪوال، راولپنڊي، اٽڪ، بهاوالپور، ميانو، ڇور ۽ ڪراچي جي ڀرسان ڊرون تباهه ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته اهڙن حملن جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهيد ٿيو جڏهن ته پاڪ فوج جا 4 جوان زخمي به ٿي پيا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ته ڀارت نه صرف خطي پر پوري دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي، اها سنگين صورتحال آهي. گذريل رات جي جارحيت انتهائي سنگين چڙ ڏياريندڙ هئي، هن وقت به اهو عمل جاري آهي پاڪ فوج ڊرونن کي ڪيرائڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته اسان اهڙي قسم جي جارحيت تي قابو ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا ۽ انهي تي قابو رکڻ جي صلاحيت به.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔