سوشل ميڊيا تي ايترو پئسو ناهي جو روز ڪار خريد ڪيان،روميسا

ڪراچي : پاڪستاني ڊجيٽل مواد ٺاهيندڙ ۽ اداڪاره روميسا خان چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان ايترو نه ٿو ڪمائجي جو روزانو نئين ڪارون خريد ڪيون، اداڪاره روميسا خان تازو ئي پوڊ ڪاسٽ تي هڪ انٽرويو ڏنو ان دوران هن ڪيترن ئي دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا ۽ سوشل ميڊيا تي مشهور ٿيڻ ۽ پوءِ اداڪاري جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ بابت پڻ ڳالهايو.هڪ وڏي فنڪار سان ڪم ڪرڻ جي خواهش بابت سوال جي جواب ۾ روميسا خان چيو ته هوءَ مرڪزي ڪردار جي حيثيت سان پاڻ بابت گهڻو ڪجهه سوچيندي آهي، ۽ هوءَ انڊسٽري ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ سان گڏ مرڪزي ڪردار پاڻ به ادا ڪرڻ چاهي ٿي. اداڪاره روميسا خان چيو آهي ته اڳ ۾ مواد ٺاهيندڙ هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا هئا، پر هاڻي هر ڪو پنهنجو مواد پاڻ ٺاهڻ چاهي ٿو. هندستان ۽ پاڪستان ۾ سڀئي مواد ٺاهيندڙ هاڻي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔