پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ، چين پاران پاڪستان جي مڪمل حمايت

اسلام آباد: چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي خواهش ظاهر ڪندي ان تناطر ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي. سومر ڏينهن چيني سفير جيانگ زائيدونگ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سان تفصيلي ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو.22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي سياحتي هنڌ پهلگام ۾ ٿيل حملي ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا، جن مان اڪثريت سياحن جي هئي. ڀارت، ثبوت جي بغير، حملي جو لاڳاپو سرحد پار سان ڳنڍيو هو، جڏهن ته پاڪستان ان دعويٰ کي رد ڪندي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان پوءِ صورتحال ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جتي پاڪستان پنهنجي فوج کي تيار ڪيو، ڇو ته امڪاني حملي جو خدشو هو، ۽ ڀارتي وزيراعظم پنهنجي فوج کي “عملياتي آزادي” ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته حالتون انتهائي حساس بڻيل آهن، پاڪستاني فوج به نئين دهلي جي ڪنهن به غير ذميوار قدم تي “فوري جواب” ڏيڻ جو چتاءُ ڏنو هو. جنگ کان بچڻ لاءِ سفارتي رابطا به وڏي پيماني تي جاري آهن. ايوان صدر ۾ اڄ جي ملاقات دوران، جڏهن سفير جيانگ زائيدونگ صدر زرداري سان مليو، ته صدر زرداري ڀارتي حڪومت جي “غير ذميوار ۽ جارحاڻي بيان بازي” تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، ۽ چيو ته اهڙن عملن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ-ڀارت تڪرار خاص طور پهلگام حملي کان پوءِ جي صورتحال تي تفصيلي خيال ونڊيا. چيني سفير “پاڪ-چين لازوال ۽ آزمائشي دوستي” جي ٻيهر تصديق ڪئي، ۽ ٻنهي ملڪن جي رشتن کي “لوهي ڀائپي” قرار ڏنو، جيڪا هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جي ساٿ ۾ بيٺي آهي. هن صدر زرداري جو ٿورائتو ٿيندي چيو ته چين، پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن ۾ هميشه ساٿ ڏيندو، ڇو ته ٻئي ملڪ ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ گڏيل خواهش رکن ٿا. صدر زرداري چيني حڪومت جي لاڳيتو حمايت تي دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا۽ چيو ته چين هميشه ڏکين حالتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي. خميس ڏينهن، وزيراعظم شهباز شريف به چيني سفير جا ٿورا مڃيا هئا، جن پهلگام حملي جي غيرجانبدار جاچ جي تجويز جي حمايت ڪئي. گذريل هفتي چين، ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي کي “تحمل” جو مظاهرو ڪرڻ جي تلقين ڪئي هئي، ڇو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنٽرول لائن (LoC) تي فائرنگ جي ڏي وٺ جون رپورٽون مليون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔