خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون 3 مختلف ڪارروايون، 5 خوارجي مارجي ويا

راولپنڊي: خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 3 مختلف ڪارروائين ۾ 5 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز  جي آپريشن دوران 2 خوارجي گرفتار به ڪيا ويا آهن. باجوڙ ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، ڪارروائي جي دوران خوارج جي ٺڪاڻي کي  بهتر طريقي سان نشانو بنايو ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 خوارجي مارجي ويا. باجوڙ ۾ آپريشن جي دوران انتهائي اهم گهربل خوارجي فريدالله به مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي  ۾ به هڪ ٻيو ڳجهو آپريشن ڪيو ويو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 خوارج مارجي ويا. مهمند ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ڳجهي ٺڪاڻي کي تباهه ڪري ڇڏيو. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، باروري مواد به هٿ آيو آهي.

پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ ملڪ کي انهي ناسور مان مڪمل طور تي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔