اسلام آباد: پاڪستاني فوج اڱاري ڏينهن آزاد جمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) وٽ ڀارتي ڪوڊڪاپٽر جاسوسي ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو. جڏهن ته پهلگام حملي کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. سرڪاري ميڊيا مطابق، 22 اپريل تي والاريل ڪشمي جي سياحتي مقام پهلگام ۾ ٿيل حملي ۾ 26 سياح مارجي ويا هئا. ڪشمير رزيسٽنس، جنهن کي “دي رزيسٽنس فرنٽ” جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، تنهن اڳ ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي پر هاڻي حملي جي ذميواري کان واضح طور انڪار ڪيو آهي. ڀارت، ثبوت پيش ڪرڻ کانسواءِ، حملي ڪندڙن جا سرحد پار لاڳاپا هجڻ جا اشارا ڏنا پر پاڪستان جو نالو نه کنيو هو. جڏهن ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي ملوث هجڻ کان سختي سان انڪار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف واقعي جي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو به ڪيو آهي. پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ته، “پاڪستان ڀارتي ڪوڊڪاپٽر کي لائن آف ڪنٽرول تي ڀمڀر ضلعي جي حد ۾ ڪيرائي، پنهنجي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.” سيڪورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بروقت ڪاروائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني فوج هر وقت الرٽ آهي ۽ ڪنهن به حملي کي فوري منهن ڏئي سگهي ٿي. ٻئي پاسي يو اي اي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتان گهٽائڻ ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ڪوششون شروع ڪيون آهن. يو اي اي جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ فارين منسٽر شيخ عبدالله بن زيد النهيان پاڪستاني حم منصب اسحاق ڊار سان فون تي رابطو ڪيو آهي.