ڪنڌڪوٽ: انڊس هاءِ وي تي وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ طرفان لڳل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري

ڪنڌڪوٽ:سنڌو درياءُ مٿان 6 نوان تڪراري ڪينال اڏڻ واري عمل خلاف وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ طرفان انڊس ھاءِ وي گولا موڙ تي لڳل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳل آهن.

ڌرڻو سنڌ جي ٻين شهرن جيان نامنظور نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور سان گونجي اٿيو، ڌرڻي ۾ اظھار يڪجھتي طور سھرياڻي برادري جي چڱي مڙس سماجي اڳواڻ مير مناف سھرياڻي پنهنجي برادري سميت قافلي جي صورت ۾ شرڪت ڪئي انهيَ موقعي تي شريڪ اڳواڻن مير مناف سھرياڻي، وڪيل عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، محمد شعبان جکراڻي،  شير زمان بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياھ سنڌواسين جو جياپو آهي نون ڪينالن سان سنڌ بنجر ٿي ويندي ڪينالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي پر وفاقي حڪومت ڌرڻن کي سنجيدا نه پئي وٺي. ھنن

هنن  چيو ته سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به ريت قبول نه ڪنداسين سڄي سنڌ ۾ پُرامن طريقي سان احتجاج ھلي پيو پنجاب ويندڙ تمام رستا بند ڪيا ويا آهن اسان جو ھڪ ھي مطالبو آهي ته بنا ڪنهن دير جي تڪراري منصوبي کي رد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو ڌرڻو جاري رھندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔