ڪراچي : سنڌ حڪومت عورتن لاءِ مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽي اسڪيم جي اهليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتي طرفان شروع ڪيل ان منصوبي جو مقصد صوبي ۾ عورتن کي مواصلات بابت پيش ڏکيائيون گهٽائڻ ۽ کين بااختيار بڻائڻ آهي.
ان اسڪيم مان فائدو کڻڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ جو سنڌ جو مستقل شهري ۽ شاگرد يا ملازمت ڪندڙ هجڻ لازمي آهي.
درخواستگذار وٽ تصديق ٿيل ڊرائيونگ لائسنس جو هجڻ به ضروري آهي، جڏهن ته ڪڻن ذريعي اسڪوٽي ملڻ کانپوءِ درخواستگذار 7 سالن تائين ان کي وڪرو نه ڪرڻ جو پابند هوندو.
اسڪوٽيز جي ورهاست شفاف قرعه اندازي ذريعي ڪئي ويندي، جنهن جي مانيٽرنگ ميڊيا جي نگراني هيٺ ٿيندي.
