ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي لهر جاري، ماهرن شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ هيٽ ويو جي لهر جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موسم ڪافي گرم ٿي ويو آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 39 کان 41 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽  وچولو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

صحت جي ماهرن هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي ڪراچي جي شهرين کي احتياط جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهري صبح 11 کان شام 4 وڳي تائين  غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.

ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 41، نوابشاهه 42، سکر 40، ملتان 39، لاهور 38 پشاور ۾ 33 ۽ ڪوئٽه ۾ 24 ڊگري تائين پهچڻ جي اميد آهي.

موسميات کاتي موجب ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه  هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔