ايران ۾ قتل ڪيل 8 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچايا ويا

اسلام آباد: ايران ۾ قتل ڪيل 8 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچايا ويا آهن. 12 اپريل تي ايران جي سرحدي صوبي سيستان جي علائقي مهرستان ۾ هٿياربندن ورڪشاپ ۾ ڪم ڪندڙ 8 پاڪستاني شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

فوت ٿي ويل 7 پاڪستانين جو تعلق بهاوالپور جي علائقي خانقاهه شريف سان آهي جڏهن ته هڪ پاڪستاني جو تعلق ملتان جي علائقي شجاع آباد سان آهي.

رات دير سان خصوصي جهاز جي ذريعي 8 پاڪستانين جا مڙهه ايران کان اسلام آباد ۽ پوءِ بهاوالپور پهچايا ويا جتي ايمبولينس جي ذريعي انهن کي اباڻي علائقن ۾ انهن جي ميتن کي روانو ڪيو ويو.

دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو موٽر مڪينڪ هئا ۽ اهي ايران جي صوبي سيستان جي هڪ ورڪشاپ ۾ ڪم ڪندا هئا، پاڪستاني سفير ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن ۾ محمد عامر، محمد دلشاد، محمد ناصر، ملڪ جمشيد، محمد دانش، محمد نعيم، غلام جعفر ۽ محمد خالد شامل آهن.

وزيراعظم شهباز شريف واقعي تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ ايراني حڪومت کان  جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.

ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ هو ته دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، حملو ڏوهارين جو قدم ۽ اسلامي تعليمات، قانون ۽ انساني قدمن جي ابتڙ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته  ايران ۾ اهڙي ڏوهه ڪندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔