اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ 5.5 شدت جي زلزلي جو جهٽڪو

اسلام آباد: ڇنڇر تي منهجند 12.31 منٽن تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جو سخت جهٽڪو محسوس ڪيو ويو. هڪ منٽ کان به گهٽ وقت واري هن جهٽڪي جي شدت 5.5 ٻڌائي پئي وڃي. جنهن جو مرڪز راولپنڊي کان 60 ڪلوميٽر اتر اولهه پاسي هو. ان جي اونهائي 12 ڪلوميٽر ٻڌائي پئي وڃي. جهٽڪو ايترو زوردار هو جو ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا. موسميات کاتي موجب، مردان، پشاور، اٽڪ، ميانوالي، راولپنڊي ۽ چڪوال ۾ به سخت جهٽڪو محسوس ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔