پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ معاهدن ۽ ياداشتن تي صحيحون

منسڪ : پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن جو صحيحون ڪيو ويون،بيلاروسي فنانشل ڪوآپريشن فنڊ فار انٽرپرينئرشپ ۽ ايس ايم اي ڊي اي جي وچ ۾ هڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون،بيلاروس جي اندروني معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن واري وزارت جي وچ ۾ هڪ تعاون جو معاهدو ٿيو،پاڪستان ۽ بيلاروس جي دفاع واري وزارت جي وچ ۾ فوجي تعاون جو معاهدو ٿيو،ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 2025 کان 2027 تائين فوجي تعاون لاءِ هڪ روڊ ميپ پڻ پيش ڪيو ويو،روڊ ميپ تي بيلاروس جي فوجي صنعت لاءِ رياستي اٿارٽي ۽ پاڪستان جي دفاعي پيداوار واري وزارت جي وچ ۾ اتفاق ڪيو ويو،پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ماحولياتي تحفظ بابت مفاهمت جي ياداشت تي عملدرآمد لاءِ هڪ روڊ ميپ ڏنو ويو،بيلاروس چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي وچ ۾ هڪ تعاون جو معاهدو طئي ٿيو آهي،بيلاروس جي صدر چيو ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔