وزيراعظم بيلاروس جي دوري تي منسڪ پهچي ويو، شاندار آجيان

منسڪ : وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي ٻن ڏينهن جي دوري تي راڄڌاني منسڪ پهچي ويو آهي،بيلاروس جي وزيراعظم اليگزينڊر ٽرچن ميان شهباز شريف جو گادي واري هنڌ منسک جي هوائي اڏي تي استقبال ڪيو.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.بيلاروس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا آفيسر پڻ انهن جي استقبال لاءِ هوائي اڏي تي موجود هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔