اسلام آباد: حيدرآباد سکر موٽر وي تي سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ تڪرار دوران وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ يقين ڏياريو ويو آهي ته انهي جي تعمير جلد کان جلد مڪمل ٿيندي.
رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان لکيل خط ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ويو آهي ته منهنجو ذاتي ڌيان ۽ دلچسپي آهي ته حيدرآباد موٽروي جلد تعمير ٿئي، حيدرآباد ۽ سکر موٽر وي کي جلد پي ايس ڊي پي جو حصو بنايو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ موڊ تي ٺاهڻ چاهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهياسين، سنڌ جا خدشا جائز آهن، موٽر وي جي تعمير جلد شروع ڪنداسين.