پي ايس ايل،لاهور، پنڊي ۽ ملتان ۾ ميچن لاءِ فوج ۽ رينجرز کي طلب

لاهور : لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ پاڪستان سپر ليگ جي ميچن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ رينجرز جي دستن کي طلب ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان پنجاب جي گهرو کاتي وفاقي وزارت داخلا کي درخواست موڪلي آهي.پنجاب جي گهرو کاتي موجب فول پروف سيڪيورٽي ۾ پوليس جي مدد لاءِ فوج ۽ رينجرز جي دستن کي طلب ڪيو ويو آهي. لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان لاءِ رينجرز جي هڪ ونگ ۽ فوج جي 2 ڪمپنين جون خدمتون طلب ڪيون ويون آهن.پنجاب جي گهرو کاتي درخواست ۾ چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽر ۽ ميچ آفيسر حصو وٺي رهيا آهن. هي هڪ اعليٰ سطحي تقريب آهي جنهن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي رانديگرن، ميچ آفيسرن ۽ عملي جي شرڪت شامل آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ ميچن، ٽيمن جي رهائش ۽ سفر دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔