حماس جا اسرائيل تي راڪيٽ فائر، عسقلان ۾ نقصان جا اطلاع

غزه : غزه کان قبضي هيٺ فلسطيني علائقن تي راڪيٽ حملن کان پوءِ قبضي هيٺ عسقلان ۾ نقصان جون رپورٽون آهن، اسرائيلي ميڊيا موجب غزه کان اسرائيلي علائقي ڏانهن 10 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جيڪو گذريل 10 مهينن ۾ غزه کان سڀ کان وڏو راڪيٽ حملو آهي، فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ راڪيٽ حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي،اسرائيلي فوج موجب غزه کان فائر ڪيل اڪثر راڪيٽ هوا ۾ ئي تباهه ٿي ويا،اسرائيلي ميڊيا پاران جاري ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ قبضي واري شهر اشڪيلون ۾ راڪيٽن جي ڪريل منظر ڏيکاريا ويا آهن، جن ۾ تباهه ٿيل گاڏيون به شامل آهن،اسرائيلي ريسڪيو سروس موجب، راڪيٽ حملي جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔