نئون ديرو: پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 46هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
ورسي ۾ شرڪت لاءِ سڄي ملڪ مان جيالا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جمع ٿي رهيا آهن، ورسي جي حوالي سان پيپلز پارٽي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسو ڪندي، جنهن جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي بنياد رکي ۽ ملڪ کي گڏيل آئين ڏنو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ اسٽيل ملز ۽ قومي پيداواري ادارا بڻيا، صدارتي ريفرنس تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ جي سڀني کان وڏي عدالت بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو ۽ هلندڙ سال 23 مارچ تي کيس نشان پاڪستان عطا ڪيو ويو جيڪو سندس ڌيءَ آصفه ڀٽو وصول ڪيو. ٻئي طرف سنڌ حڪومت اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ان جي خدمتن، جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.
آصف زرداري چيو ته شهيد ڀٽو هڪ عظيم مدبر، جرئتمند اڳواڻ ۽ عوام جو حقيقي نمائندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ترقي، خودمختاري ۽ عوامي فلاح جي رستي تي گامزن ڪيو، ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي جاري رکنداسين، اڄوڪي ڏينهن تي اسان اهو عهد ڪريون ٿا ته پاڪستان کي شهيد ڀٽو جي وزن موجب هڪ ترقي يافته، خودمختار ۽ عوام دوست ملڪ بڻائينداسين