پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست: اٽارني جنرل آف پاڪستان مدد لاءِ عدالت طلب

اسلام آباد: پيڪا ايڪٽ جي خلاف درخواست تي عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان کي مدد جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

پيڪا ايڪٽ ترميم 2025 جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي جنهن ۾ عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان کي مدد جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس انعام امين منهاس جي آڏو ٿيل ٻڌڻي ۾ درخواست جو وڪيل عادل عزيز قاضي پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس ريمارڪس ڏنا ته اهڙي طرح جون ٻيون درخواستون به آهن انهي تي به ساڳيو  آرڊر جاري ڪري ٿا ڇڏيون. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته پي ايف يو جي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن ۽ ٻين درخواستن تي انهي سلسلي ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. عدالت ٽئي درخواستون 17 اپريل تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري رکيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔