بنون ڪينٽ ۾ حملو ناڪام، 16 دهشتگرد مارجي ويا، 5 جوان ملڪ تي قربان ٿيا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز  خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون جي علائقي ڪينٽ ۾ بزدلاڻي دهشتگرد  حملي کي ناڪام بنائي 16 حملو ڪندڙن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته چڪرين دوران 5 بهادر فوجي ملڪ تي قربان ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب  4 مارچ تي خوارج عناصرن بنون ڪينٽ تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ڪئي، دهشتگردن ڪينٽ جي سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي فوري ۽ فيصلو ڪندڙ ڪارروائي جي ذريعي ناڪام بنائي ڇڏيو.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته حملو ڪندڙن 2 بارود سان ڀريل گاڏيون حفاظتي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏيون، پاڪ فوج جي جوانن بي مثال جرئت ۽ پيشوارانه مهارت جو مظاهرو ڪندي حملي آورن کي نشانو بنايو ۽ 16 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جن ۾ 4 آپگهاتي بمبار به شامل هئا.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته انهي چڪرين ۾ 5 بهادر فوجي ملڪ تي قربان ٿي ويا، آپگهاتي ڌماڪن سبب حفاظتي ديوار جو ڪجهه حصو به پٽ پئجي ويو جنهن سبب لاڳاپيل عمارتن کي نقصان پهتو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بدقسمتي سان هڪ مسجد ۽ رهائشي عمارت به تباهه ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 13 بي گناهه شهري شهيد جڏهن ته 32 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب ڳجهن ادارن جي جاچ ۾ واضح طور تي ثابت ٿيو آهي ته انهي حملي ۾ افغان شهري سڌو سنئون ملوث هئا. شاهدين مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته حملي جي منصوبه بندي ۽ نگراني افغانستان ۾ موجود خوارج جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب عبوري افغان حڪومت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪري ۽ پنهنجي زمين کي پاڪستان جي خلاف دهشتگرد سرگرمين جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي، پاڪستان پنهنجي سرحدن جي پار کان ٿيندڙ انهي خطرن جي جواب ۾ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي ارادن تي قائم آهي، اسان جا بهادر فوجي ۽ بي گناهه شهرين جون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، اسان پنهنجي زمين جي حفاظت لاءِ  هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔