فولڊ ايبل اسڪرين ۽ سولر پاور سان ليس 2 انوکا ليپ ٽاپ متعارف

واشنگٽن: هڪ چيني ڪمپني طرفان 2 نوان منفرد ليپ ٽاپ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن مان هڪ فولڊ ايبل اسڪرين سان ليس آهي، جڏهن ته ٻئي ۾ سولر پاور ذريعي چارج ڪرڻ جي سهولت ڏني وئي آهي.هي ٻئي ليپ ٽاپ في الحال رڳو ڪانسيپٽ ماڊلز طور پيش ڪيا ويا آهن، يعني عام صارفين لاءِ اڃا تائين دستياب نه آهن.چيني ڪمپني اڳ ۾ به اهڙا ڪانسيپٽ ليپ ٽاپ پيش ڪيا آهن، جيئن ڪجهه وقت اڳ رول ايبل ليپ ٽاپ متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن جي اسڪرين مٿئين پاسي کلي ٿي. هاڻي ڪمپني ”ٿنڪ بڪ فلپ“ نالي هڪ فولڊ ايبل اسڪرين وارو ليپ ٽاپ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو مڪمل طور کولڻ تي 18 انچ جي وڏي اسڪرين ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ليپ ٽاپ کي اڌ ۾ فولڊ ڪري 2 اسڪرينون به ٺاهي سگهجن ٿيون، جن مان هڪ سامهون کان نظر اچي ٿي ۽ ٻي پٺيان هلي وڃي ٿي.، اهڙي طرح مڪمل فولڊ ڪري هن ليپ ٽاپ کي ٽيبليٽ جهڙي ڊيوائس ۾ به تبديل ڪري سگھجي ٿو.فولڊ ايبل سمارٽ فونز هاڻ عام ٿي رهيون آهن، پر وڏي اسڪرين وارا فولڊ ايبل ليپ ٽاپ اڃا تائين گھڻي عام نه ٿيا آهن.ڪمپني جو چوڻ آهي ته عام واهپيدارن لاءِ هن فولڊ ايبل ليپ ٽاپ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو.ان کانسواءِ، ڪمپني ”يوگا سولر“ نالي هڪ ٻيو ڪانسيپٽ ليپ ٽاپ به پيش ڪيو آهي، جيڪو پٺيان کان سولر پينلز سان ليس آهي، جيڪي سج جي روشني کي جذب ڪري سگهن ٿا. هونئن ته ليپ ٽاپ روايتي چارجر تي ئي هلندو، پر سولر پاور جي مدد سان صارفين ان وقت وڌيڪ استعمال ڪري سگهن ٿا، جڏهن سندن ڀرپاسي ڪائي چارجنگ پوائنٽ نه هجي، پر سج جي روشني موجود هجي. ڪمپني جي دعويٰ آهي ته هي ليپ ٽاپ عام روشني به جذب ڪري سگھي ٿو، جنهن جي مدد سان بيٽري لائيف کي هڪ ڪلاڪ تائين وڌائي سگھجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔