اسلام آباد: سعودي عرب، ملائيشيا، سينگاپور، مراڪش سميت 19 ملڪن مان 48 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 93 پاڪستانين کي بيدخل ڪيو ويو آهي جنهن مان 6 بليڪ لسٽ به شامل آهن.
اميگريشن ذريعن موجب سعودي عرب مان 4 بليڪ لسٽ ۽ ويزا ختم ٿيڻ تي 1، ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 24 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو
اميگريشن ذريعن جو چوڻ آهي ته عمان مان 3 کي بليڪ لسٽ، اميگريشن مان انڪار تي 1 ۽ ملائيشيا مان 1 کي ناپسنديده قرار ڏئي بيدخل ڪيو ويو.
اميگريشن ذريعن موجب متحده عرب امارات مان 1، بليڪ لسٽ منشيات ۽ شراب نوشي تي 3، وڌيڪ وقت گذارڻ تي 2 ۽ جيل مان آزاد ڪري 37 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو. سينگاپور ۾ پاسپورٽ گم ٿيڻ تي 1، موزمبيق مان 1، عراق مان وڌيڪ وقت گذارڻ تي 4، ٻين الزامن تي 2 کي بي دخل ڪيو ويو.
اميگريشن ذريعن موجب قطر مان 3 مفرور ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ رضاڪارانه طور تي پيش ٿيل 1 ٻئي کي ناپسنديده قرار ڏئي 1 پاڪستاني کي بيدخل ڪيو ويو.