حماس اسرائيلي مطالبي تي جنگ بندي معاهدي مرحلي ۾ واڌ کان انڪاري

غزهه: فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي مطالبي تي غزه جنگ بندي معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، حماس جي سينيئر عهديدار جو چوڻ آهي ته حماس جنگ بندي معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ واڌ تي راضي ناهي. حماس جي سينيئر عهديدار جو چوڻ هو ته اسرائيلي يرغمالين کي پهرين طئي ٿيل معاهدي تحت مرحليوار آزاد ڪيو وڃي. واضع رهي ته غزه جنگ بندي جو پهريون مرحلو ڇنڇر ڏينهن ختم ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ اسرائيل غزه ۾ کاڌي پيتي سميت هر قسم جي جي سامان جي داخلا روڪي ڇڏي هئي. اسرائيل جنگ بندي ۾ عارضي واڌ جو به اعلان ڪيو هو، واڌ جي تجويز امريڪا ڏني هئي پر هاڻي اسرائيل يوٽرن وٺندي امدادم کي مڪمل طور روڪي ڇڏيو آهي. اسرائيل امريڪي تجويز جي پهرين مرحلي ۾ واڌ جو اعلان ڪندي سمورن مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو. حماس ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ ۽ مڪمل جنگ بندي تي زور ڏيندي چيو هو ته معاهدي تان ڦرڻ جي نتيجن جي ذميواري اسرائيل تي هوندي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس جنگ بندي ۾ واڌ امريڪي منصوبي تي اتفاق ڪري. واضع رهي ته جنگ بندي معاهدي موجب ٻئي مرحلي ۾ رهجي ويل 59 يرغمالين جي آزادي، اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي جو خاتمو شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔