وزيراعظم شهباز شريف 20 ارب روپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف 20 ارب روپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت ملڪ جي 40 لک خاندانن کي رقم ڏني ويندي.

رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف وفاقي راڄڌاني ۾ رمضان پيڪيج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته هلندڙ سال 40 لک خاندان(جيڪي تقريبن 2 ڪروڙ ماڻهو بڻجن ٿا) کي ڊيجيٽل والٽ جي ذريعي 5 هزار روپيه في گهر ڏنا ويندا.

هن چيو ته رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪريون ٿا ته هلندڙ سال رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي ماضي جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. رمضان پيڪيج جي لاءِ هن سال حڪومت 20 ارب روپين جي خطير رقم مقرر ڪئي آهي، جنهن سبب 40 لک پاڪستاني گهرانن کي فائدو ٿيندو.

وزيراعظم چيو ته گذريل سال اها رقم 7 ارب روپيه هئي جنهن ۾ هن سال 200 سيڪڙو اضافو ڪري 20 ارب روپيه مقرر ڪئي وئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي لاءِ رمضان پيڪيج کي بنا ڪنهن تفريق جي متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ڪراچي کان گلگت سمورن شهرن جا مستحق خاندان انهي پيڪيج مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

هن ٻڌايو ته رمضان پيڪيج 2025 جي شفافيت جي لاءِ اسٽيٽ بينڪ، ٽيڪ اداري ۽ نادرا جون ڪاوشون تعريف جوڳيون آهن. اهڙن ادارن جي محنت جو نتيجو آهي ته رمضان پيڪيج مستحق ماڻهن تائين پهچندو.

وزيراعظم چيو ته ملڪ کي محفوظ بنائڻ لاءِ دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ قوم ۽ ادارا پرعزم آهن. هن ناسور جي لاءِ اهڙيون قبرون کوٽينداسين جنهن مان ٻيهر نڪرڻ ناممڪن هجي. هن وقت سک سان نه ويهنداسين جيستائين دهشتگردي کي جڙ کان ختم نه ڪري وٺون.

هن گذريل ڏينهن ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڪوڙه خٽڪ ۾ مولانا حامدالحق سميت ٻين ماڻهن جي شهادت جو واقعو ڏکوئيندڙ آهي جنهن تي سموري قوم ڏک ۾ ورتل آهي. اسان هن ڌماڪي جي مذمت ڪريون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪي پي ڪي حڪومت واقعي جي ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو خاتمو 2012 ۾ ٿي چڪو هو ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ 80 هزار پاڪستانين پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا اهڙي طرح پاڪ فوج جي آفيسرن، جوانن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي اهلڪارن جون قربانيون به   ملڪ کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڏنيون ويون. پر هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردي جو ناسور وڌي رهيو آهي انهي جا سبب سڀني کي خبر آهي في الحال انهي جي تفصيلن ۾ نٿو وڃڻ چاهيان.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان هاڻ يوٽيلٽي اسٽورز مان جان ڇڏائي رهيا آهيون انهن جي نجڪاري ڪئي ويندي، جنهن مان بهتري ايندي، هن چيو ته رمضان پيڪيج جي تحت هاڻ ماڻهن کي قطارن ۾ بيهڻو نه پوندو. پر عزت  جي طريقي سان ڊيجيٽل والٽ مان اهي رليف حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ۾ بدعنواني عروج تي هئي، هاڻ باقاعده نظام ٺاهي ڇڏيو آهي جنهن جي تحت رمضان پيڪيج جي سخت نگراني ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔