رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ پشاور ۾ ٿيندو

پشاور:   رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ پشاور ۾ ٿيندو. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اجلاس شام 6 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو.

اجلاس ۾ ٻين مرڪزي ميمبرن ۽ عالمن کان علاوه سپارڪو ۽ موسميات کاتي جون اختياريون به شرڪت ڪنديون. موسميات کاتي موجب پشاور سميت خيبرپختونخواهه ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران جزوي طور تي موسم جهڙالو رهندو جنهن سبب سڀاڻي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ جا امڪان گهٽ آهن. موسميات کاتي چيو آهي ته سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر تقريبن 12 ڪلاڪ، 45 منٽن هوندي.

انهي کان علاوه ڪراچي، ڪوئٽه اسلام آباد، لاهور سميت ٻين علائقن ۾ زونل ڪميٽي جا اجلاس منعقد ٿيندا چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو حتمي اعلان چيئرمين رويت هلال ڪميٽي ڪندو.

ٻئي طرف جامع مسجد قاسم علي خان جي مقامي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس به سڀاڻي پشاور ۾ منعقد ٿيندو جنهن جي صدارت مفتي شهاب الدين پوپلزئي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔