ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه رمضان جي مهيني دوران مصنوعي مهانگائي خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.ترجمان موجب سنڌ ڪابينا جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 30 نقطن تي غور ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.سنڌ جي وڏي وزير وزيرن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن جي تڪميل کي تيز ڪيو وڃي ۽ انهن اسڪيمن ۾ ترقي کي تيز ڪيو وڃي جتي ڪم سست آهي.ترجمان چيو ته سنڌ جي وڏي وزير رمضان المبارڪ دوران انتظامن کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته روزن جي مهيني ۾ ڪنهن به صورت ۾ ذخيره اندوزي برداشت نه ڪئي ويندي.عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا وڃن، ۽ مارڪيٽن ۾ معياري شين جي وافر ۽ سستي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته رمضان المبارڪ دوران پاڻي ۽ بجلي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ۽ ٽريفڪ انتظام کي موثر بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوي.