آرمي چيف جو برطانيه ۾ جديد ٽيڪنالاجيز جو مشاهدو

راولپنڊي ؛ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پنهنجي برطانيه جي دوري دوران جديد ٽيڪنالاجي جو مشاهدو ڪيو آهي، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت ۽ بغير پائلٽ جي نظام شامل آهن. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير برطانوي جنرل رولينڊ واڪر جي دعوت تي وار منسٽري ۽ لارڪ هِل گيريزنز جو دورو ڪيو.ان موقعي تي آرمي چيف کي برطانوي فوج جي جديد بڻائڻ جي منصوبي ۽ ڊيپ ريڪي اسٽرائڪ برگيڊ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو هو ته آرمي چيف برطانيه جي دوري تي آهي جتي سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو، جنهن سان پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي.هن چيو ته سڄي دنيا پاڪستاني فوج جي پيشيورانه صلاحيتن کي تسليم ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔