ميلبورن : آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم کي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ دھچڪو لڳي ويو،ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب آل رائونڊر مچل مارش ڪجهه ڏينهن کان پٺي جي سور ۾ مبتلا آهي، جنهن جي ڪري هو هاڻي چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته مچل مارش جو سور بحالي دوران گهٽ نه ٿيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هو هاڻي ٽورنامينٽ جو حصو نه هوندو.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، مچل مارش وڌيڪ آرام ۽ بحالي مان گذرندو، جڏهن ته سندس متبادل جو اعلان جلد ڪيو ويندو.ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ آخري اسڪواڊ جي آخري تاريخ 12 فيبروري آهي.