اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي ملڪ کي متحده عرب امارات مان پاڪستان آڻڻ جي عمل تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، نيب اختيارين ملڪ رياض ۽ ان جي پٽ علي ملڪ جي حوالگي لاءِ اماراتي اختيان سان رابطو ڪري ورتو.
رپورٽ موجب معاملي کان آگاهه نيب جي هڪ ذريعي اڱاري تي ٻڌايو ته پراپرٽي ٽائيڪون کي عالمي مني لانڊرنگ کان بچاءُ واري قانون ۽ ويانا ڪنوينشن جي تحت متحده عرب امارات کان ملڪ بدر ڪرايو ويندو. نيب متحده عرب امارات جي اختيارين سان ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ رابطو ڪيو آهي، جنهن جي باري ۾ خيال ڪيو پئي ويو ته هو پنهنجي اثر رسوخ سبب گرفتار نٿو ٿي سگهي.
ذريعن پي ٽي آءِ جي انهي موقف جي نفي ڪئي آهي ته ملڪ رياض تي برطانوي اختيارين 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ ڪرپشن جو الزام نه لڳايو هو. ذريعن نومبر 2021 ۾ برطانيه جي رائل ڪورٽ آف جسٽس جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته اپيل رد ڪندي برطانوي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هوم آفيس جو اهو نتيجو ته ملڪ رياض ۽ ان جي پٽ بحريه ٽائون جي معاملن ۾ ڪرپشن ۽ مالي ڪاروباري بدانتظامي ۾ ملوث رهيو آهي. بحريه ٽائون ملڪ رياض ۽ ان جي گهر ڀاتين جي ملڪيت ۽ انتظام هيٺ ڪمپني آهي جنهن کي ايشيا جي سڀني کان وڏي پراپرٽي ڊيولپر ڪمپني شمار ڪيو ويندو آهي.